شيام ساڌورام آهوجا

شيام ساڌورام آهوجا: هندستان جي ناليواري سنڌي اداڪار، هدايتڪار ۽ ليکڪ شيام ساڌو رام آهوجا جو جنم پهرين جون 1945ع تي مدئجي شهر، تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ ٿيو. سندس تعليم انٽر آهي. ورهاڱي بعد سندس خاندان هندستان هليو ويو ۽ الهاس نگر ۾ رهائش پذير ٿيو. هن ڪيترن ئي سنڌي، هندي ۽ گجراتي ناٽڪن ۾ اداڪاري ڪئي. جن ۾: ‘ڊاڪٽر مان ڪين تون’، ‘رشتا ناتا’، ‘تنهنجي ئي آڌار جي ضرورت آهي’، ‘جوءِ جي’ ۽ ‘واهه ڙي زمانا’ قابل ذڪر آهن. هن ڪيترن ئي ناٽڪن ۾ هدايتڪاريءَ جا فرض سر انجام ڏنا، جن ۾: ‘ڪنجوس مکي چوس’، ‘شرابي’، ‘ڪنجوس سهرو’، ‘نٿو چريو’ ۽ ‘غريبون ڪي دنيا’ (هندي) قابل ذڪر آهن. هن ڪجهه ڊراما پڻ لکيا، جن ۾: ‘ڪنجوس مکي چوس’ ۽ ‘نٿو چريو’ وغيره آهن. شيام آل انڊيا ريڊيو تان پڻ ڪيترائي ڊراما پيش ڪيا، جن ۾ گهڻي مقبوليت ماڻي. کيس خدمتن عيوض ڪيترائي اوارڊ مليا، جن ۾: ‘نٿو چويو’ ڊرامي تي بهترين اداڪار اوارڊ قابل ذڪر آهي، جيڪو کيس سنڌي يوٿ ائسوسيئيشن پاران مليو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1945.06.01  عيسوي

شيام ساڌو رام آهوجا جو جنم پهرين جون 1945ع تي مدئجي شهر، تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اسد ڪورائي
ڀڳت ٽيئون رام
امر لغاري
عبدالقادر ملڪاڻي
مهاراج سکرامداس اوجها
درس ظهورالحسن مولانا
الطاف شيخ
مير نور محمد خان ٽالپراول
ڄام جکرو
چنڙ بشير احمد ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون